رفيق سومرو

رفيق سومرو

رفيق سومرو

رفيق سومرو: نامياري ڪهاڻيڪار رفيق احمد سومري جو پورو نالو رفيق احمد ولد عبدالحق سومرو آهي. هن 5 مئي 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو. سندس نالو رفيق احمد سندس ڏاڏي مولوي عبدالله سومري رکيو هو. رفيق سومرو اڃا ٽن سالن جو مس هو ته سندس پيءُ عبدالحق سومرو گذاري ويو، جيڪو خاندان جو پهريون گرئجوئيٽ هئڻ سان گڏ قانون جي ڊگري به رکندو هو ۽ هاءِ اسڪول سکر ۾ استاد هو. هن ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪئي.
رفيق سومري جو ننڍپڻ ۽ ٻالڪپڻ سکر شهر ۾ گذريو. کيس وڏي مامي، مين پرائمري اسڪول سکر ۾ داخل ڪرايو، جتان پنج درجا پاس ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان 1971ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. رفيق جي والده اولاد جي بهتر مستقبل لاءِ پورهيا ڪري، پنهنجي پٽ کي پڙهايو.
رفيق سومري انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ 1974ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وڃي ملازمت ڪئي. سينٽ پئٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ماستري ڪيائين. گڏوگڏ ٽيوشن ڏيڻ، هڪ رسالي ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ سان گڏ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جا پروف ڏسڻ جا ڪم ڪري، گهرو مسئلن کي منهن ڏنائين. اهڙيءَ طرح ان دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ به شرڪت ڪندو رهيو. 1974ع کان 1978ع تائين ملازمت دوران هن زندگيءَ جا عجيب تجربا ڪيا، ڪهاڻيون لکيون، ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جا ڪيترا ڪتاب پڙهيا. 1978ع ۾ سکر موٽي آيو. سکر جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو. 1979ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ماستريءَ دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان توڙي مقابلي جي امتحان سي. ايس. ايس جي به تياري ڪندو رهيو. آگسٽ 1981ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال آڪٽوبر ۾ سي. ايس. ايس جي امتحان ۾ به ڪامياب ٿيو. ٻنهي امتحانن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد پهرين کيس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران انگريزيءَ جي ليڪچرارشپ جو آفر ليٽر موڪليو ويو، پر هن انگريزيءَ جي ليڪچرار ٿيڻ بدران 1982ع ۾ انڪم ٽئڪس آفيسر طور وڃي جوائن ڪيو. ان دوران هن انڪم ٽئڪس آفيسر (پروبيشن) ٽريننگ والٽن اڪيڊمي، لاهور مان، ٽي مهينا ملٽري اٽيچمينٽ ٽريننگ حيدرآباد مان ۽ هڪ سال انڪم ٽئڪس ٽريننگ لاهور مان ڪري، اپريل 1984ع ۾ حيدرآباد ريجن ۾ انڪم ٽئڪس آفيسر طور چارج سنڀالي. اِن دوران هن نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ هڪ سال نوڪري ڪئي. باقي سندس اڪثر ملازمت حيدرآباد ۾ رهي. ملازمت دوران رفيق سومري 1992ع ۾ ايل. ايل. بي ڪئي ۽ ايم. اي ايڪانامڪس به ڪري ورتي. ملازمت ۾ فرض شناسي ۽ ايمانداريءَ سبب سندس وقت سر ترقي ٿيندي رهي ۽ 2010ع ۾ ڪمشنر انڪم ٽئڪس اِن لئنڊ روينيو مقرر ٿيو ۽ گذريل ٽن سالن کان ان عهدي تي 20 گريڊ ۾ فائز آهي.
رفيق سومري جي ننڍيءَ عمر ۾ نائين ڪلاس ۾ شادي ٿي. کيس هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ٿيا. 1994ع ۾ ساڻس زندگيءَ جو هڪ وڏو حادثو پيش آيو، جو سندس ٻاويهن سالن جو نوجوان پٽ نديم هڪ معمولي بيماريءَ ۾ گذاري ويو، جنهن کان تُرت پوءِ سندس جيجل ماءُ پڻ گذاري وئي، جنهن پورهيا ڪري کيس پڙهايو هو. هنن ٻنهي وڇوڙن کيس بنهه جهوري وڌو، پر هن زندگيءَ جي سفر ۾ همت نه هاري. ان دوران ئي 1999ع ۾ مٿس فالج جو سخت حملو ٿيو، پر باوجود ان جي هن نه رڳو ملازمت جاري رکي، پر لاهور، ڪراچي وغيره ملازمت جا مختلف ڪورس به ڪيا.
رفيق سومري کي لکڻ پڙهڻ سان چاهه اٺين ڪلاس کان وٺي هو ۽ مئٽرڪ ۾ هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس پهرين ڪهاڻي ’غربت‘ رسالي ’جهانِ نؤ‘ سکر ۾ 1971ع ۾ ڇپي. هو ڪرشنچندر، منٽو، موپاسان، گورڪي، چيخوف، ڪرشنچندر ۽ امر جليل کان متاثر آهي. ابتدا ۾ امر جليل جي اسلوب جي مٿس ڇاپ هئي. آهستي آهستي مطالعو وسيع ڪندو، پنهنجو ڊڪشن جوڙيندو ويو. ڏيهي ۽ عالمي تخليقي ادب جو ڀرپور اڀياس ڪيائين ۽ سندس شمار نئين ٽهيءَ جي سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيڻ لڳو. هن ڪهاڻيون، ناويلا، تنقيدي مضمون، پروفائيل ۽ لطيفيات تي ڪيترا مضمون لکيا آهن. سندس ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن: (1) انسان جي ڳولا (1977ع)، (2) مٽيءَ سندو مامرو (1995ع)، ۽ (3) پيار جي هڪ صدي (2011ع). سندس آخري ڪتاب ۾ ڪهاڻيون، ناويلا ۽ ٻيون لکڻيون شامل آهن. هن ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ سان گڏجي اداري ’اوسر پيڙهڪا‘ پاران ’اوسر‘ ادبي رسالو جاري ڪيو، جنهن جا ٽي پرچا به شايع ٿيا.
رفيق سومري جي ڪهاڻين تي ڊاڪٽر شمس الدين سومري، امر جليل، ولي رام ولڀ، ممتاز مهر، ڊاڪٽر ادل سومري ۽ ٻين تنقيدي مضمون لکيا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ نواڻ آندي ۽ ناويلا نالي هڪ تجرباتي افسانوي صنف متعارف ڪرائي، جنهن بابت سنڌ جي برک دانشور محمد ابراهيم جويي تفصيلي مضمون به لکيو آهي. رفيق سومرو هن وقت اڌرنگ جي موذي مرض سان منهن ڏيندي، مشڪل حالتن ۾ به نه رڳو ملازمت کي برقرار رکيو اچي، پر زندگيءَ جي مسئلن کي پڻ مردانگيءَ سان منهن ڏيندو رهي ٿو. ائين هن ثابت ڪيو آهي ته جسماني هيڻائي، نه ته تخليقي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي ۽ نه ئي زندگيءَ جي فرضن جي ادائگيءَ کي روڪي سگهي ٿي.
نوٽ: رفيق احمد سومري 06 مارچ 2014ع تي وفات ڪئي.


لفظ رفيق سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.05.05  عيسوي

نامياري ڪهاڻيڪار رفيق احمد سومري جو پورو نالو رفيق احمد ولد عبدالحق سومرو آهي. هن 5 مئي 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو.


2014.03.06  عيسوي

رفيق احمد سومري 06 مارچ 2014ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوامي سکديو مهراج
ابن خلدون
عشرت العباد
شبانه اعظمي
پير رشدالله شاهه راشدي
الھبچايو راھوڪڙو
مير مير محمد خان ٽالپر
خان صاحب ڊاڪٽر
آسر فقير
راهو علي محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون